ڀارٿ سميت سڀني پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پرڏيهي ترجمان

پاڪستان،  وزيراعظم نواز شريف پاران نريندر مودي کي ملاقات لاءِ لکيل خط جي حوالي سان خبرن جي سختيءَ سان ترديد ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت سميت سمورن پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته وزيراعظم نواز شريف، ڀارتي هم منصب کي نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾ ملاقات لاءِ ڪو به خط ناهي لکيو، ان حوالي سان خبرون بي بنياد آهن.

هن چيو ته افغان صدر اشرف غني ٻن ڏينهن جي دوري تي سڀاڻي پاڪستان پهچندو، دوري دوران سرحدي ۽ علائقائي صورتحال سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ٿينديون.

پرڏيهي ترجمان چيو ته افغان صدر، وزيراعظم نواز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار  سرتاج عزيز پڻ افغانستان جو دورو ڪري چڪا آهن.

تسنيم اسلم جو چوڻ هو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان عالمي برادري جو اهم رڪن آهي.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته ملڪي سرزمين ڪنهن ٻي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ٻين ملڪن مان به اهڙي اميد رکي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*