شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو کي ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جا قافلا  ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچڻ شروع ٿي ويا

شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو کي ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جا قافلا  ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچڻ شروع ٿي ويا، نئون ديرو هائوس ۾ اڄ شام بلاول ۽ آصف علي زداري جي صدارت ۾ پ پ جي سي اي سي جو اجلاس ٿي رهيو آهي.

 ملڪ جي 2 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ پ پ جي شهيد چيئر پرسن محترم بينظير ڀٽو جي سڀاڻي 11 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مک تقريب لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون.

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪرڇ مان ڪارڪنن جا قافلا شهيد قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويا، جڏهن ته پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ به نئون ديرو پهچي رهيا آهن.

 سنڌ حڪومت پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ حفاظتي انتظامن لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ورسي جي موقعي تي  سڀاڻي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 نئون ديرو هائوس ۾  پ پ جي سي اي سي جو اجلاس اڄ شام پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مرڪزي اڳواڻ پهچڻ شروع ٿي ويا.

 ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ جعلي اڪائونٽس جي آءِ ٽي رپورٽ ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

 اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مرڪزي اڳواڻ قمرالزمان قائره، چوڌري منظور ۽ ٻيا نئون ديرو هائوس پهچي ويا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*