اسلام ڪوٽ ۾ روينيو انتظاميه پاران شهر ۾ ٽئين ڏينهن به حددخلين خلاف آپريشن ڪري غيرقانوني اڏاوتون هٽائي ڇڏيون آهن

اسلام ڪوٽ ۾ روينيو انتظاميه پاران شهر ۾ ٽئين ڏينهن به حددخلين خلاف آپريشن ڪري غيرقانوني اڏاوتون هٽائي ڇڏيون آهن، شهرين چيو ته انتظاميه 110 فوٽ کان وڌيڪ ايراضي تان اڏاوتون ڊاهي ناانصافي ڪري رهي آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر شنڪر لال ۽ مختيارڪار عبدالغفار لاکير جي اڳواڻي ۾ روينيو ۽ ميونسپل ملازمن باءِ پاس روڊ تان حددخيلون هٽائي ڇڏيون آهن.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته شهر مان سڀئي حددخيلون هٽايون وينديون، ڪنهن کي به غيرقانوني اڏاوتن جي اجازت نه ڏينداسين.

شهرين چيو ته انتظاميه 110 فوٽ کان وڌيڪ ايراضي ۾ به ڪارروائي ڪري اڏاوتون هٽائي رهي آهي، جيڪا شهرين سان ناانصافي آهي.

شهرين چيو ته انتظاميه طئي ڪيو هو ته روڊ جي 110 فوٽن جي اندر اڏاوتون هٽايون وينديون پر هاڻي وڌيڪ ايراضي تان اڏاوتون هٽايون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*