قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته  علي رضا عابدي جي قتل جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي

قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته  علي رضا عابدي جي قتل جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه سياسي اڳواڻن جي سڪيورٽي وڌائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.

امن امان بابت اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته امن امان بابت اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وڏي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته اجلاس ۾ گهرو کاتي کي پابند ڪيو ويو آهي ته عدالتن مان ضمانت حاصل ڪندڙ دهشتگردن جي فهرست ٺاهي وڃي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته اجلاس دوران وڏي وزير کي پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن جي تقرير جا ڪلپس پيش ڪيا ويا، جن خلاف پرڏيهي وزارت جي سهڪار سان ڪارروائي ڪئي ويندي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ سرڪار پرڏيهه ۾ رهندڙ دهشتگردن کي انٽرپول ذريعي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي آهي، وڏي وزير پوليس وڌيڪ ڀرتين جي منظوري ڏني آهي، نون اهلڪارن جي تربيت پاڪ فوج کان ڪرائي ويندي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر ٽارگيٽ ڪلنگ تي وڏي وزير مراد علي شاهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ مثالي امن قائم ڪيو ويو پر هاڻي ان کي ڪير تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه سياسي اڳواڻن جي سڪيورٽي وڌائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*