ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻو ايم اين اي علي رضا عابدي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيوويو آهي، جڏهن ته سندس زخمي ٿيل ڊرائيور جو علاج جاري آهي.

علي رضا عابدي جي امام بارگاهه يثرب ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڊفينس جي قبرستان ۾ مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

علي رضا عابدي ڊفينس جي خيابان غازي واري علائقي ۾ گاڏي مان هيٺ لهي پنهنجي گهر اندر داخل ٿي رهيو هو ته موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو ۽ سندس ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيا.

علي رضا عابدي ۽ سندس ڊرائيور کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي اين ايس شفا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

علي رضا عابدي جي والد اخلاق عابدي چيو آهي ته علي رضا عابدي کي پيٽ ۾ هڪ گولي لڳي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته علي رضا عابدي کي ٻه گوليون سيني ۾ ۽ هڪ گولي ڪنڌ ۾ لڳي.

فائرنگ بعد پوليس ۽ رينجرز اهلڪار علي رضا عابدي جي گهر ٻاهران پهچي شاهديون جمع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون.

علي رضا عابدي 2013 ۾ متحده جي سيٽ تي ڪراچي مان ايم اين اي چونڊيو هو جڏهن ته هن 2018 جي چونڊن ۾ وزيراعظم عمران خان هٿان شڪست کاڌي هئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*