صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ جو دورو ڪيو

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ جو دورو ڪيو، صحت واري وفاقي وزير عامر محمود ڪياني چيو آهي ته صحت جو قومي ادارو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، جنهن ۾ صحت جي شعبي ۾ تحقيق تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ جو دورو ڪيو، جنهن دوران ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر عامر اڪرام صدر کي اين آءِ ايڇ ۾ سڌارن ۽ چيلنجز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي عامر محمود ڪياني چيو ته نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ کي عالمي معيار مطابق بڻائي رهيا آهيون، اين آءِ ايڇ جي ترقي سان صحت جي شعبي تي تمام سٺا اثر پوندا.

صحت واري وفاقي وزير چيو ته ڇهن سالن بعد اپريل 2018 کان نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ ۾ ارڙي جي ويڪسين تياري ڪئي وئي.

هن چيو ته هن وقت 10 کان وڌيڪ دوائون تيار ڪيون ويون آهن، اهي دوائون ٻارڙن تي ارڙي کان بچاءَ لاءِ ويڪسين طور استعمال ڪيون پيون وڃن.

صحت واري وفاقي وزير چيو ته، جون 2019 تائين وڌيڪ 20 لک خوراڪ تيار ڪئي ويندي، جيڪي صوبائي صحت کاتي کي ڏني ويندي.

هن چيو ته نانگ جي ڪکڻ واري ويڪسين تيار ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار ليبارٽري قائم  ڪئي پئي وڃي، جيڪا مارچ 2019ع تائين پيداوار شروع ڪري ڇڏيندي.

ان موقعي تي پروفيسر عامر اڪرام ارڙي جي ويڪسين جو پهريون بيج صدر ۽ صحت واري وزير کي پيش ڪيو.

پروفيسر برگيڊيئر عامر اڪرام صدر کي اعزازي شيلڊ به پيش ڪئي.

پروفيسر عامر اڪرام چيو ته ستن سالن کان پوءِ هتي ارڙي جي بيماري جي ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي، صحت جي قومي اداري کي قومي اميدن موجب ٺاهيو پيو وڃي.

صحت واري وفاقي وزير عامر محمود ڪياني چيو ته صحت جو قومي ادارو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، جنهن ۾ صحت جي شعبي ۾ تحقيق تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*