پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز صاف پاڻي۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب لاهور آڏو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو

پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز صاف پاڻي۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب لاهور آڏو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو، حمزا شهباز چيو آهي ته نيازي صاحب خان اوهان جي احتساب ۾ انتقام جي بوءِ اچي رهي آهي، اوهان عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو، نيازي صاحب اوهان به مسٽر ڪلين نه آهيو، اوهان کي انتقامي ڪارروايون ڳچي ۾ پونديون.

پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز نيب لاهور آفيس ۾ پيش ٿيو، جنهن دوران کانئس صاف پاڻي ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت پڇا ڪئي وئي.

نيب لاهور ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته عوام عمران خان جي حڪومت جي کنيل قدمن کي ڏسي رهي آهي، اوهان کي انتقامي ڪارروايون ڳچي جو ڦندو بڻجنديون.

هن چيو ته اهڙو نئين پاڪستان کي عوام رد ڪري ڇڏيو اهي، جعلي احتساب جو دور گهڻو وقت تائين نه هلي سگهندو، اسان ڄمي مقابلو ڪنداسين.

حمزه شهباز شريف وزيراعظم عمران خان صاحب، اوهان مسٽر ڪلين نه آهيو، بني گالا ۾ غيرقانوني اڏاوت تي قوم کان معافي گهرو، جيڪڏهن همت نه اٿئو ته قوم کي حقيقتون ٻڌايو.

هن چيو ته وزيراعظم صاحب،  اوهان خيبرپختونخواهه جي سرڪاري هيلي ڪاپٽر جا تفصيل به ٻڌايو.

حمزه شهباز شريف چيو ته اوهان چئو ٿا ته ڪن کولي ٻڌو، اوهان 50 ماڻهن کي گرفتار ڪندس، اسان ته مشرف جي دور ۾ 10 سال ڀوڳيو آهي، اسان کي کوکلن نعرن کان ڊيڄاريو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته نيازي صاحب خان اوهان جي احتساب ۾ انتقام جي بوءِ اچي رهي آهي، اوهان عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو.

حمزه شهباز شريف چيو ته اپوزيشن ليڊر شهبا شريف ٽن مهينن کان گرفتار آهي، سندس خلاف ڪو به ثبوت نه ملي سگهيو آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته، ٻڌايو وڃي ته هي ڪهڙو نئون پاڪستان آهي، جنهن ۾ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ به جيل ۾ آهي، شهباز شريف به جيل ۾ آهي پر سرڪاري  هيلي ڪاپٽر واري ڪيس ۾ ملوث شخص نيب چيئرمين سان ملاقاتون  پيون ڪري……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*