سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگرد گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اسين خاموش ويٺل آهيون

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگرد گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اسين خاموش ويٺل آهيون، ادارن کي خودمختياري ڏيڻ باوجود نتيجا سٺا نٿا ملن، شهرين جو تحفظ هر حال ۾ يقيني بڻايو وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن بريفنگ ڏيندي چيو ته قائد آباد حملي کان ويندي علي رضا عابدي جي قتل تائين دهشتگردن جي سمورن واقعن ۾ هڪجهڙائي آهي، ڪجهه اهم گرفتاريون ٿيون آهن، جلد صورتحال واضح ٿي ويندي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ بد امني وڌي رهي آهي ۽ اسان خاموش آهيون، سڪيورٽي ادارن کي خود مختيار بڻائڻ باوجود بهتر نتيجا نٿا ملن، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان علي رضا عابدي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽارگيٽ ڪلنگ شروع ٿي وئي آهي، علي رضا عابدي جي قاتلن کي ڪنهن به  صورت ۾ گرفتار ڪيو وڃي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ٿيل اڳ وارن واقعن ۽ علي رضا عابدي جي قتل ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان مان ثابت ٿيو آهي هڪ ئي گروپ انهن واقعن ۾ ملوث آهي.

وڏي وزيرچيو ته ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي حملي، ايم ڪيو ايم جي ميلاد ۽ پي ايس پي جي ڪارڪنن تي حملي کانپوءِ علي رضا عابدي جي قتل جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن تي ڳڻتي آهي.

وڏي وزيرمراد علي شاهه چيو ته دهشتگرد گڏ ٿي رهيا آهن، پر اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون، آخر صورتحآل ڪنٽرول ڇو ناهي ٿي رهي.

وڏي وزير چيو ته سڀ کان وڌيڪ واقعا ڏکڻ ڪراچي ۾ ٿيا آهن، مونکي ان ڳالهه جو آفسوس آهي ته پوليس ڇا ڪري رهي آهي.

سيد مراد  علي شاهه جو چوڻ هون ته مون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خود مختيار بڻايو آهي، ان باوجود ڪي به سٺا نتيجا نه ملي رهيا آهن.

وڏي وزير چيو ته مونکي ڪنهن به صورت ۾ شهر ۾ امن گهرجي، شهرين کي خوف ۾ مبتلا رهڻ نه ڏينداسين……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*