گهوٽڪي جي عدالت بي درديءَ سان قتل ٿيل معصوم نينگر غلام محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي 29 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

گهوٽڪي جي عدالت بي درديءَ سان قتل ٿيل معصوم نينگر غلام محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي 29 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 گهوٽڪي ۾ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ خانپور مهر ۾ 36 ڏينهن اڳ بي دردي سان ذِبح ڪري قتل ڪيل معصوم نينگر غلام محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عبوري ضمانت هيٺ 2 جوابدار علي بخش مهر، عباس مهر  ۽ فريادي  پيش ٿيو. 

عدالت ڪيس تي ٻڌڻي 29 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل مک جوابدار امان الله مهر سميت محمد علي مهر ۽ احمد علي مهر کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*