غوثپور ويجهو 5 ڏينهن اڳ بي درديءَ سان قتل ٿيل نوجوان جي وارثن پاران ڪيس ۾گهربل  جوابدارن گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

غوثپور ويجهو 5 ڏينهن اڳ بي درديءَ سان قتل ٿيل نوجوان جي وارثن پاران ڪيس ۾گهربل  جوابدارن گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ڳوٺ ڳڙهي لاڙو جي رهواسين سبحان دليل بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڳوٺ جي ٻاهران مک روڊ تي احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي.

 احتجاج ڪندڙن دانهيو ته سَندَن تيغاڻي بجاراڻي تڪرار سان ڪو واسطو ناهي، نوجوان علي دوست بجاراڻي کي بيگناهه رستي ويندي قتل ڪيو ويو.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*