ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل پهريان به هڪ واردات ۾ استعمال ٿي چڪو آهي

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل پهريان به هڪ واردات ۾ استعمال ٿي چڪو آهي، ساڳي پسٽل سان 10 ڊسمبر تي لياقت آباد واري علائقي ۾ احتشام نالي نوجوان کي قتل ڪيو ويو هو.

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ دهشتگردن هٿان مارجي ويل ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

 سي ٽي ڊي سربراهه عمر خطاب چيو آهي علي رضا عابدي تي ٻن پسٽلز سان حملو ڪيو ويو، هٿياربند جي ٻنهي هٿن ۾ پسٽل هئا.

راجا عمر خطاب جو چوڻ هو ته  علي رضا عابدي  جي قتل  جي جاچ  ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، واقعي جي فرانزڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.

راجا عمر خطاب چيو ته علي رضا عابدي  جي قتل ۾ 30 بور جو پستل استعمال ٿيو، واردات ۾ استعمال ٿيل  30 بور پسٽل جا خول ميچ ڪري ويا آهن.

سي ٽي ڊي سربراهه چيو ته 30بور پسٽل لياقت آباد ۾ قتل جي واردات ۾به استعمال ٿيو، احتشام نالي نوجوان جي قتل ۾ به اهو ئي پسٽل استعمال ڪيو ويو هو.

راجا عمر خطاب جو چوڻ هو ته لياقت آباد ۾ قتل جي واردات 10 ڊسمبر تي ٿي  جنهن جو ڪيس به داخل ٿيل آهي

عمر خطاب جو چوڻ هو ته علي رضا جي قتل ۾ 2 پسٽل استعمال ڪيا ويا، جوابدار جي ٻنهي هٿن ۾ پسٽل هئا، جيڪو سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ نظر اچي رهيو آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*