سنڌ جي البيلي راڳي سرمد سنڌي جي وڇوڙي کي 22 ورهين جو عرصو گذري ويو آهي

سنڌ جي البيلي راڳي سرمد سنڌي جي وڇوڙي کي 22 ورهين جو عرصو گذري ويو آهي پر سڄي سنڌ جو محبوب راڳي  اڄ به مهراڻ ماٿري جي جهر جهنگ ۾ پنهنجي آواز جي صورت ۾ موجود آهي.

سرمد سنڌي جي والدين سندس نالو عبدالرحمان مغل رکيو هو پر سنڌ ۽ سُرن سان پيار کيس سرمد سنڌي جي نالي سان شهرت جي بلندين تي پهچايو.

 سرمد سنڌي 7 جولاءِ 1961ع ۾ کجين جي شهر خيرپور ميرس ضلعي جي بزرگ هستي مخدوم محمد اساعيل جي شهر  پريان لوءِ ۾ جنم ورتو، پريان لوءِ جنهن کي هاڻي پريالوءِ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.

سرمد سنڌي کي ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ سان چاهه هو، اسڪول ۽  ڪاليج جي تقريبن ۾ ڳائيندي ڳائيندي سرمد سنڌ جو محبوب راڳي بڻجي ويو.

 سرمد سنڌي پنهنجي سُريلي آواز ۽ جنم ڀومي مهراڻ ماٿريءَ جي لاءِ ڳايل گيتن ذريعي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ مشهور ٿي ويو.

 سرمد سنڌي مئٽرڪ تائين تعليم پريالوءِ ۾ حاصل ڪئي، تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو، جتان سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين.

 1984ع ۾ پهريان ڊي ايڇ اي حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ملازمت حاصل ڪئي.

 سرمد سنڌي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز ۽ استاد بخاري سميت مخلتف شاعرن جو ڪلام پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو، جيڪو املهه تحفي جي صورت ۾ اڄ به اسان وٽ محفوظ بڻيل آهي.

 سرمد جا گيت ڪنڊي نه سڱري، سائو نه سلڙو، دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇاٿي ٿيئي ۽ ٻيا انيڪ گيت تمام گهڻو مشهور ٿيا.

 جيتوڻيڪ سرمد سنڌي جي گيتن کي ٻين فنڪارن به پنهنجي آواز ۾ ڳايو آهي پر جيڪا مِٺاسَ سرمد جي آواز ۾ هئي، اها وَرلي فنڪارن ۾ آهي.

 سرمد سنڌي 27 ڊسمبر 1996ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ويجهو  المناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هميشه لاءَ موڪلائي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي ويو.

 سرمد سنڌي جي وڇوڙي وقت سندس عمر 35 ورهيه هئي، سنڌ جي البيلي راڳيءَ جي نوجوانيءَ ۾ موت جتي سندس ڪٽنب جو جيءُ جهوري ڇڏيو، اتي ماٿري مهراڻ جي هر رهواسي جي اکين ۾ سدا آلاڻ ڇڏي ويو.

 سرمد کي ياد ڪندي اڄ به هزارين نيڻ آلا ٿي وڃن ٿا، اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*