اي اين پي اڳواڻ اعظم خان هوتي ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو

 اي اين پي اڳواڻ، اڳوڻو سينيٽر، وفاقي ۽ مملڪتي وزير ۽ جهونو سياستدان اعظم خان هوتي ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

اعظم خان هوتي کي اڄ شام جو پنجين وڳين هوتي هائوس مردان ۾ جنازي نماز کانپوءِ دفن ڪيو ويندو.

سندس جنازي نماز ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ جي شرڪت جو امڪان آهي.

اعظم خان هوتي 93 ۽ 2012 ۾ سينيٽر رهيو، ان کان اڳ هو ٻه ڀيرا مواصلات جو وفاقي وزير ۽ هڪ ڀيرو مملڪتي وزير به رهي چڪو آهي.

اعظم خان هوتي خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير امير حيدر هوتي جو پي، بيگم نسيم ولي خان جو ڀاءُ ۽ اسفند يار ولي جو مامو هو.

جهونو سياستدان ڊگهي عرصي کان بيمار هو، کيس اڄ مردان ويجهو سندس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*