لاهور جي علائقي گلشن راوي ۾ پيٽرول هاري ساڙي زخمي ڪيل نوجوان زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

 لاهور جي علائقي گلشن راوي ۾ پيٽرول هاري ساڙي زخمي ڪيل نوجوان زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾فوت ٿي ويو، واقعي کي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي.

جمعي ڏينهن لاهور جي علائقي گلشن راوي علائقي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل جوابدارن نوجوان نعمان تي پيٽرول هاري باهه ڏني هئي، جنهن سبب سندس 70 سيڪڙو جسم سڙي ويو هو.

نوجوان نعمان  لاهور جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو پر 70 سيڪڙو جسم سڙي وڃڻ سبب ڊاڪٽر سندس حياتي نه بچائي سگهيا.

نوجوان جي نانـَي پوليس آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته نعمان درزي جو ڪم ڪندو هو، چاچـَي نديم ۽ چاچــِي سميران 3 ماڙ جي گهر تي قبضي لاءِ  نوجوان تي پيٽرول هاري باهه ڏياري آهي.

هن چيو ته نوجوان جا ماءُ ۽ پيءُ ننڍي هوندي ئي فوت ٿي ويا هئا ۽ کيس چاچي ۽ چاچـِي پاليو هو.

نعمان جي ناني ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*