شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد سعودي عرب روانو ٿي ويو

 پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جواعليٰ سطحي وفد سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي، سعودي قيادت سان ملاقات ڪري وزيراعظم نواز شريف جو اهم پيغام پهچائيندو.

ذريعن موجب، يمن بحران تي پاڪستان، سعودي سرڪار سان هنگامي طور تي اعليٰ سطحي سفارتي رابطي جو فيصلو  ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ ٻيا اعليٰ عسڪري عملدار سعودي عرب جي دوري تي روانا ٿي ويا آهن.

پاڪستاني وفد سعودي پرڏيهي وزير سميت ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته سعودي جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان به ملاقات جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، پاڪستاني وفد، سعودي قيادت کي وزيراعظم نواز شريف جو اهم پيغام پهچائيندو، جڏهن ته سعودي عرب کي علائقائي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي به خاطري ڪرائي ويندي.

 سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته يمن بحران ۽ خطي جي موجوده صورتحال تي پاڪستاني وفد جو دورو انتهائي اهم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*