پمز اسپتال جي ميڊيڪل ٽيم اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو طبي معائنو ڪرڻ بعد اطمينان جو  اظهار ڪيو آهي

پمز اسپتال جي ميڊيڪل ٽيم اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو طبي معائنو ڪرڻ بعد اطمينان جو  اظهار ڪيو آهي، ذريعن موجب، ميڊيڪل ٽيم شهباز شريف جون ٽيسٽون خانگي ليبارٽري مان ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي چيلهه ۾ تڪليف ٿيڻ سبب پمز اسپتال جي ٽيم طبي معائني لاءِ منسٽرز انڪليو اسلام آباد پهتي، جتي سندس طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو.

ذريعن موجب، پمز جي 3 رڪني  ميڊيڪل بورڊ شبهاز شريف جي صحت ۽ علاج جي حوالي سان مطئن آهي.

ذريعن موجب، پمز اسپتال جي ميڊيڪل ٽيم ايم آر آءِ سميت شهباز شريف کي نئون ٽيسٽون ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي.

ميڊيڪل بورڊز موجب، شهباز شريف جون ڪجهه ٽيسٽون خانگي ليباري مان ڪرايون وينديون ۽  نين ٽيسٽن جي روشني ۾ علاج کي اڳتي وڌايو ويندو.

پمز جي ميڊيڪل ٽيم شهباز شريف جو طبي معائنو ڪرڻ بعد منسٽرز انڪليو مان واپس رواني ٿي وئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*