سپريم ڪورٽ يونائيٽڊ ڪرسچن اسپتال جي بحالي بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي

سپريم ڪورٽ يونائيٽڊ ڪرسچن اسپتال جي بحالي بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ايف سي ڪاليج جي پروفيسر ڊاڪٽر جيَ پيٽر ڊيوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته چيف جسٽس اسپتال جي بحالي لاءِ درخواست ناهي ڪئي، ڇا هي ماڻهو هوش ۾ ته آهن، ڇا وڏي عدالت جو قدر ايئن ٿيندو آهي؟

سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ يونائيٽيڊ ڪرسچن اسپتال جي بحالي بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

يو سي ايڇ اسٽيرنگ ڪميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر جواد عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ايف سي ڪاليج  پروفيسر ڊاڪٽر پيٽر جيَ ڊيوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اسپتال ڪئين هلي رهي آهي؟ ڇا سپريم ڪورٽ ان کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي؟

جنهن تي ڊاڪٽر جواد چيو ته يو سي ايڇ جي بحالي لاءِ 40 کان 50 لک ڪروڙ رپين جي ضرورت آهي، ان حوالي سان 6 ڄڻن تي ٻڌل اسٽيرنگ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن پڇا ڪئي ته ڊاڪٽر پيٽر جيَ ڊيوڊ ڪيرآهي؟ هن وٽ رقم نه آهي پر انا تمام گهڻي اٿس.، چيف جسٽس اسپتال جي بحالي لاءِ درخواست ناهي ڪئي.

جسٽس اعجاز الاحسن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇا ڪئي ته ڇا هي ماڻهو هوش ۾ ته آهن، ملڪ جي وڏي عدالت جو قدر ايئن ڪبو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان يوسي ايڇ جو دورو ڪيو، جتي ڪا به دوا موجود نه هئي، رڳو اسپتال جو نالو هو، اسپتال  تي قبضو هو، اسان اهو به ختم ڪرايوسين……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*