سپريم ڪورٽ ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي پنج رڪني مانيٽرنگ ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي پنج رڪني مانيٽرنگ ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٿرپارڪر جي سيشن جج جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  سنڌ ۾ ڳور هارين عورتن کي ڪڻڪ جي فراهمي ۾ شفافيت نه   آهي. رڳو بااثر عورتن کي ڪڻڪ فراهم ڪئي پئي وڃي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿر ۾ 4 سئو کان وڌيڪ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

سيشن جج ٿرپارڪر رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڳور هارين عورتن کي ڪڻڪ جي فراهمي ۾ شفافيت نه   آهي. رڳو بااثر عورتن کي ڪڻڪ فراهم ڪئي پئي وڃي.

سيشن جج جي رپورٽ موجب، ڊاڪٽر پنهنجن فرضن ۾ غفلت ڪري رهيا آهن، اسپتالن ۾ 150 کان وڌيڪ ڊاڪٽرز جي کوٽ اهي.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته وڌيڪ معاوضو ڏيڻ باوجود ڊاڪٽر ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن،

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين چيو ته سستي ڪڻڪ ۽ ڳور هاري عورتن کي مفت خوراڪ جي منظوري سنڌ حڪومت ڏني  آهي، ماڻهو خوراڪ حاصل ڪري وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن.

چيف جسٽس ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي پنج رڪني مانيٽرنگ ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪميشن ۾ سنڌ حڪومت جا نمائندا، ٿرپارڪر جو ضلعي جج، ڊاڪٽر سونو ۽ ڊاڪٽر ٽيپو سلطان شامل آهي، ڪميشن سنڌ حڪومت جي قدمن جي مانيٽرنگ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*