اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته احتساب جي نالي تي انتقام ورتو پيو وڃي

اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته احتساب جي نالي تي انتقام ورتو پيو وڃي، جنهن ليڊر ملڪ جو وقاربحال ڪرايو، اهو جيل ۾ بند آهي، جنهن ملڪ سان مذاق ڪيو، اهو وزيراعظم آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته نون ليگ قيادت ۾ ڪي به اختلاف ناهن.

هن چيو ته، تحريڪ انصاف عوام جي نه آهي، جڏهن ته عمران خان سليڪٽيڊ وزيراعظم آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي 125ڏينهن گذري وڃڻ بعد مهانگائي 10 سالن جيتري وڌي وئي آهي.

هن چيو ته، ماڻهو سمجهي ويا آهن ته نون ليگ کي احتساب جي نالي تي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

احسن اقبال چيو ته، جنهن ليڊر ملڪ جو وقاربحال ڪرايو، اهو جيل ۾ بند آهي، جنهن ملڪ سان مذاق ڪئي، اهو وزيراعظم آهي.

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته چاهيون ٿا ته ماڻهو سمجهي وٺن ته عمران خان دوکي باز آهي.

احسن اقبال چيو ته اسان جي دور ۾ بجلي جي بحران تي ضابطو آيو ۽ نون ليگ حڪومت 12 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*