جهلم ويجهو نيشنل شوٽنگ مقابلو پاڪ آرمي جي ٽيم کٽي ورتو

جهلم ويجهو نيشنل شوٽنگ مقابلو پاڪ آرمي جي ٽيم کٽي ورتو، جنهن ۾ جنگين ۾ زخمي ٿيل ۽ معذور فوجي آفيسرن ۽ اهلڪارن خاص طور شرڪت ڪئي.

 جهلم ويجهو آرمي فائرنگ رينج ۾ پاڪستان آرمي ويلفيئر طرفان قومي سطح جو شوٽنگ مقابلو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ 28 ٽيمن حصو ورتو، جنهن ۾ سول آرمڊ فورسز، پوليس ۽ سولين شامل آهن.

 پاڪسان آرمي جي ٽيم سڀ کان وڌيڪ پوائنٽس حاصل ڪري انٽر سروسز فائرنگ مقابلو کٽي ورتو.

 انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن ليفٽيننٽ جنرل شير افگن مختلف شوٽنگ ڪيٽيگريز ۾ مقابلو کٽيندڙن ۾ انعام ورهايا، انعام ورهائڻ واري تقريب ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*