سانگهڙ ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا

سانگهڙ ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.

 راوتياڻي موڙ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو حسين بخش سنجراڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 حادثي جي زخمين ۾ گل منير، ارشاد ڀٽي، شهمير۽ ٻيا شامل آهن.

 اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان مڙهه ضروري ڪارروائيءَ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

 حادثي ۾ فوتي شخص شاهپور چاڪر ويجهو ڳوٺ خيرمحمد سنجراڻي جو رهواسي هو، وارث سندس مڙهه ڳوٺ کڻائي روانا ٿي ويا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*