بالي ووڊ جي سدا بهار سپر اسٽار سلمان خان 53 هين سالگرهه جو ڪيڪ گهر ڀاتين ۽ فلمي ساٿين سان گڏجي ممبئي ويجهو فارم هائوس ۾ ڪاٽيو

بالي ووڊ جي سدا بهار سپر اسٽار سلمان خان 53 هين سالگرهه جو ڪيڪ گهر ڀاتين ۽ فلمي ساٿين سان گڏجي ممبئي ويجهو فارم هائوس ۾ ڪاٽيو، کيس سالگرهه تي واڌايون ڏنيون ويون.

 سلمان خان 27 ڊسمبر 1965ع تي ڀارتي شهر اِندور ۾ جنم ورتو، کيس بهترين پرفارمنس تي 4 ڀيرا فلم فيئر ايوارڊ سان نوازيو ويو، جڏهن ته ٻيا به مختلف ايوارڊس هن ڪيرئير دوران حاصل ڪيا آهن.

اسٽار سلمان خان پنهنجي 53 هين سالگرهه جي مک تقريب ممبئي ويجهو فارم هائوس ۾ منعقد ڪئي، جنهن ۾ ناليواري فلمي ستارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سندس سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

 سَلُو ڀائي فيم سلمان خان جي گهر ڀاتين ۽ ناليواري اسٽار بوبي ديول، انيل ڪپور، قطرينا ڪيف، ديا مرزا ۽ ٻين سالگرهه تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جن کيس جنم ڏينهن تي واڌايون ڏنيون، جڏهن ته مداحن پاران به کيس سالگرهه تي واڌايون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*