امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ اڻ اعلانيل دوري تي عراق پهچي ويو

امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ اڻ اعلانيل دوري تي عراق پهچي ويو ۽ اعلان ڪيو آهي ته امريڪا جو عراق مان پنهنجي فوج ٻاهر ڪڍڻ جو ڪو  ارادو ناهي.

 امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي گهر واري ميلانيا ٽرمپ سان گڏ واشنگٽن مان اڻ اعلانيل دوري تي عراق پهچي ويو ۽ 15 ورهين کان عراق ۾ موجود امريڪي فوجين سان ملاقات ڪئي.

 ٽرمپ جي ترجمان ٽوئٽر تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس ۽ سندس گهر واري ميلانيا ٽرمپ کي يونيفارم ۾ موجود فوجين سان گڏ ڪرسمس ملهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ان موقعي تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته امريڪا عراق مان فوج واپس ڪرڻ ڪو ارادو نه ٿو رکي، جڏهن ته  ضرورت پئي ته امريڪا داعش تي حملي لاءِ عراق کي فوجي اڏي طور استعمال ڪندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*