ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر مرزا غالب جي اڄ 221 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر مرزا غالب جي اڄ 221 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، سندس شاعري هر دور جي نمائندا شاعري طور مڃتا ماڻي چڪي آهي، هن جا شعر اڄ به وڏي چاهه سان پڙهيا ۽ ٻڌا ويندا آهن.

 مرزا غالب ننڍي عمر کان ئي شعر لکڻ شروع ڪيا، ننڍي کنڊ جو هي عظيم شاعر27 هين ڊسمبر 1797ع ۾ ڀارت جي شهر آگره ۾ پيدا ٿيو، سندس نالو والدين اسدالله خان رکيو پر هو ادب جي دنيا ۾ مرزاغالب جي نالي سان مشهور ٿيو.

 مرزا غالب والد جي فوت ٿيڻ سبب ننڍپڻ ۾ ئي يتيمي جو درد محسوس ڪيو، جنهن بعد سندس پالنا چاچي مرزا نصرالله بيگ ڪئي پرغالب اڃا 8 ورهين جو ٿيو ته سندس چاچو به فوت ٿي ويو.

 مرزا  غالب جي شادي 13 ورهين جي ننڍي  عمر ۾ ڪرائي وئي، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي اباڻي شهر کي ڇڏي ڀارت جي گادي واري شهر دهلي ۾ رهائش اختيار ڪئي.

 مرزا غالب دهلي ۾ ادبي تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو، جتي مرزا غالب شعرن ۾ پنهنجي منفرد انداز سبب تمام جلد نمايان مقام حاصل ڪري ورتو.

 مرزا غالب جو شمار ان وقت جي اردو شاعري جي سرموڙ شاعرن ۾ ڪيو ويندوهو پر سندس ڏات ۽ ڏانءَ کيس اڄ ان مقام تي بيهاريو آهي، جتي اردو شاعري ۾ سندس جوڙ جو ڪو شاعر ورلي ئي نظر ٿو اچي.

 چيو ويندو آهي ته 18 هين صدي مير تقي مير جي ۽ 19 هين صدي مرزا غالب جي آهي، پر ڏٺو وڃي ته تاريخ غالب کي هر دور جو نمائنده شاعر بڻائي ڇڏيو آهي.

 مرزا غالب جي شعرن کي ننڍي کنڊ کانسواءِ سڄي دنيا ۾  اردو  سمجهندڙ حلقن ۾ وڏي چاهه سان پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو آهي.

 مرزا غالب 15 فيبروري 1869ع تي هي فاني جهان ڇڏي ويو، پر شعرن جي صورت ۾ ڄڻ ته هو اسان سان گڏ آهي،  کيس 221 هين جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*