پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ ۾جاري ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ ۾جاري ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين اننگ قومي ٽيم جا بيٽسمين مڪمل طور تي ناڪام ۽ پوري ٽيم 190رنز تي ڍير ميزبان ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 149رنز جوٽارگيٽ مليو آهي.

پهرين اننگ ۾ مڪمل طور تي ناڪام پاڪستاني بيٽنگ ٻين اننگ ۾ به واري جي ڀت ثابت ٿي.

پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئين ڏينهن ڏکڻ آفريڪي ٽيم پنهنجي پهرين اننگ ۾223رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاران باوويا 53۽ ڊي ڪڪ 45رنز اسڪور ڪيون.

پاڪستان پاران محمد عامر ۽شاهين شاهه آفريدي چار-چار، جڏهن ته حسن علي ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاڪستان خلاف پهرين اننگ ۾ 42رنز جي برتري حاصل ڪئي.

ٻين اننگ ۾ به قومي ٽيم جا بيٽسمين ناڪام رهيا ۽ راند جي ٻيئن ڏينهن پوري ٽيم 190رنز اسڪورڪرڻ بعد آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان پاران ٻين اننگ ۾شان مسعود 65، امام الحق 57رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا، جڏهن ته ٻيو ڪوبه بيٽسمين ميزبان بالرز جو  مقابلو نه ڪري سگهيا، ڪپتان سرفراز احمد ٻي اننگ ۾ به بغير رنز اسڪور ڪرڻ جي آئوٽ ٿيو، اظهر علي ٻڙي، اسد شفيق 6، ۽ فخرزمان 12رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيا.

پهرين اننگ ۾ ڇهه وڪيٽون حاصل ڪندڙ اوليور ٻين اننگ ۾ به قومي ٽيم جي پنج بيٽسمينن کي آئوٽ ڪري ميچ ۾ 11وڪيٽون حاصل ڪيون.

——————

پاڪستاني ٽِيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي ڪپتان  سرفراز احمد ۽اسد شفيق سان ڊريسنگ روم ۾ منهن ماري ٿي ۽ڪوچ بيٽنگ جي ناڪامي تي مختلف شيئن کي اڇلائي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ٽيم جي سينيئر رانديگرن جي خراب پرفارمنس تي سخت تنقيد ڪئي.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي متاثر نه ڪري رهي آهي ۽ ڪوچ مڪي آرٿر ڪاوڙ ۾ پريشاني جي ور چڙهي ويو آهي.

ميچ جي ٻين اننگ ۾ ڪپتان سرفراز احمد بغير رنز اسڪور ڪرڻ جي آئوٽ ٿيو،جنهن سبب کيس تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.

مڪي آرٿر جي رانديگرن سان جهِيڙي جي ڪهاڻيون پراڻيون آهن ۽ان کان پهرين هو آسٽريليا ۽ڏکڻ آفريڪي ٽيمن جي رانديگرن سان جهِيڙي سبب ڪوچنگ کان محروم ٿيو.

——————-

ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر اوليور چيو آهي ته کيس پاڪستان جي ٽيم خلاف بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي.

ڏکڻ آفريڪي شهر سنچورين ۾جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ اوليور پاڪستان جي ٽيم جا ڇهه بيٽسمين36رنز ڏئي آئوٽ ڪيا، جنهن بعد ٻين اننگ ۾ هن هڪ ڀيرو بهترين بالنگ ڪئي ۽ 59رنز ڏئي  پنج وڪيٽون حاصل ڪيون.

گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي فاسٽ بالر اوليور چيو ته سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان خلاف ڪيريئر جي بهترين بالنگ ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ هن لائن اينڊ لينٿ تي بالنگ ڪئي، جنهن سبب کيس ڪاميابي حاصل ٿي.

اوليور جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو گهڻو پراميد آهي ته اڄ ٽيم جا بيٽسمين پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ۽ ميچ ۾ فتح ملندي.

————-—–

ڪينگروزجي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽نالي واري بيٽسمين چيو رڪي پونٽنگ جو چوڻ آهي ته ڪيمرون بين ڪرافٽ کي بال ٽيمپرنگ بابت هاڻي ڪابه ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي.

آسٽريلوي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته بين ڪرافٽ گذريل ڏينهن بال ٽيمپرنگ بابت جيڪو بيان ڏنو ان تي کيس مايوسي ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بين ڪرافٽ جو چوڻ آهي ته کيس بال ٽيمپرنگ بابت ڊيوڊ وارنر چيوهو.

رڪي پونٽنگ جو وڌيڪ چوڻ هوته ڪيمرون بين ڪرافٽ جي پاپندي اڄ ختم ٿي رهي آهي ۽هن گذريل ڏينهن وري بال ٽيمپرنگ بابت بيان ڏنو، جيڪو کيس نه ڏيڻ گهربو هو.

رڪي پونٽنگ جو چوڻ هو ته ڊيوڊ وارنر، اسٽيو سمٿ ۽ ڪيمرون بين ڪرافٽ جي ٽيم ۾ واپسي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ ڪيمرون بين ڪرافٽ سميت اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر کي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ کپي.

——————-

انگلش پريميئر ليگ ۾ محمد صلاح جي ٽيم لورپول هڪ ٻي ڪاميابي بعد ليگ ۾ ٽيبل تي ڇهه پوائنٽس سان برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

انگلش پريميئر ليگ ۾لورپول جي ٽيم نيو ڪاسل جي ٽيم کي شڪست ڏيڻ بعد پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي.

ميچ ۾ لور پول جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد نيو ڪاسل جي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾چار گولن تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

——————

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*