خانڳڙهه سنڌ جي سياست جو مرڪز بڻجي ويو

خانڳڙهه سنڌ جي سياست جو مرڪز بڻجي ويو، پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين ڪجهه دير ۾ ايم پي اي راجا خان مهر جي دعوت تي خانڳڙهه پهچي جلسي کي خطاب ڪندو، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل سڀاڻي پ پ مخالف ايم پي اي علي گوهر مهر جي دعوت تي خانڳڙهه پهچندو، صدر عارف علوي به 11 جنوري تي خانڳڙهه جو دورو ڪندو، وزير اعظم عمران خان به خانڳڙهه جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.

پيلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڪجهه دير کانپوءِ علي نواز عرف راجا خان مهر ۽ محمد بخش مهر  جي دعوت تي خانڳڙهه پهچي رهيو آهي، جتي اڳوڻو صدر  عام جلسي  کي خطاب ڪندو،جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

خانپورمھر: آصف زرداري جي  آمد سبب مختلف اڳواڻ خانڳڙهه پهتل

شبير بجاراڻي. ڄام مھتاب ڏھر. خالد احمد خان لنڊ خانڳڙهه پهتل

بابر علي لنڊ. فياض احمد لنڊ، عبدالباري پتافي سميت ٻيا اڳواڻ پھتل

گورنرعمران اسماعيل سڀاڻي سردار علي گوهر مهر جي دعوت تي پهچندو

صدر پاڪستان عارف علوي به 11 جنوري تي خانڳڙهه پهچندو

وزير اعظم عمران خان به خانڳڙهه جي دوري جي دعوت قبولي ورتي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*