وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر آصف  زرداري، بلاول، فريال ٽالپر سميت پ پ جي اهم اڳواڻن جا نالا ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيا

وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر آصف  زرداري، بلاول، فريال ٽالپر سميت پ پ جي اهم اڳواڻن جا نالا ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيا، وزيراعظم جي خاص صلاحڪار افتخار دراني چيو آهي ته سمورن سوالن جو جواب هي فهرست آهي.

 وفاقي حڪومت ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل 172 ماڻهن جي نالن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.

 حڪومت پاران جاري ڪيل جعلي اڪائونٽ جي جي آءِ ٽي ۾ جن ماڻهن جا نالا ڏنا ويا آهن، انهن کي اي سي ايل ۾ شامل ڪندي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ آصف علي زرداري جو نالو 24 هين نمبر تي آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جو نالو 27 هين ۽ فريال ٽالپر جو نالو 36 هين نمبر تي آهي.

 فهرست ۾ سنڌ جي وڏي وزي سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، بحريا ٽائون جي ملڪ رياض، اومني گروپ جي انور مجيد، عبدالغني مجيد جا نالا به شامل آهن.

 حڪومت پاران جاري ڪيل فهرست ۾ ميمبر سنڌ اسيمبلي مڪيش ڪمار چاوله، علي نواز مهر، اڳوڻي گهرو وزير سهيل انور سيال، توانائي واري وزير امتياز شيخ جو نالو به شامل آهي.

 فهرست ۾ اڳوڻي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي منظور قادر، قائم مقام چيئرمين ايس اي سي پي طاهر محمود طاهر محمود، حسين لوائي ۽ بلال شيخ جا نالا به شامل آهن.

 وزيراعظم جي خاص صلاحڪار افتخار دراني چيو آهي ته سمورن سوالن جو جواب هي فهرست آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*