وفاقي حڪومت نيب انڪوائري ۾ پاڻ کي مرده قرار ڏيندڙ شيخ اختر حسين کي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاڪستان جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو

     nab

            وفاقي حڪومت نيب انڪوائري ۾ پاڻ کي مرده قرار ڏيندڙ شيخ اختر حسين کي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاڪستان جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.

                 شيخ اختر حسين گذريل حڪومتي دور ۾ڊريپ ۾ ڪرپشن ريفرنسز جي سلسلي ۾ ٿيندڙ انڪوائري ۾ پاڻ کي مرده قرار ڏئي سزا کان بچي ويو هو.

                جڏهن ته هاڻي حڪومت شيخ اختر حسين کي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاڪستان جو چيف ايگزيڪٽو آفيسر سي اي او مقرر ڪيو آهي، جنهن جي منظوري وفاقي ڪابينا طرفان ڏني وئي.

              ٻئي طرف وزارت قومي هيلٿ سروسز پاران شيخ اختر حسين جي مقرري جو نوٽيفيڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

               واضح رهي ته نيب 2001ع ۾ ڊريپ آفيسر شيخ اختر حسين خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ هو 51 ملين رپين جي گهوٻين  ۾ گهربل هو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*