سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کان نئن گاج ڊيم جي تعمير بابت ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کان نئن گاج ڊيم جي تعمير بابت ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو، وفاقي وزير منصوبه بندي خسرو بختيار چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي منڇر ڍنڍ جي ڪري منصوبي تي خدشا آهن.

 سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾نئن گاج ڊيم جي تعمير بابت ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران وفاقي وزير آبي وسيلا فيصل واوڊا ۽ منصوبه بندي بابت وفاقي وزير خسرو بختيار پيش ٿيا.

 ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي، توهان کي افتتاح ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، ڊيم جي تعمير جو ٽائيم فريم ڏيو.

 چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار جو ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چوڻ هو  ته آبي وسيلن کي خاص طور اهميت ڏني پئي وڃي، مهمند ڊيم ۽ ڀاشا اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن، عدالت مداخلت نه ڪري ته معاملا دير جو شڪار ٿي ويندا آهن.

 ٻڌڻي دوران منصوبه بندي بابت وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته سنڌ حڪومت کي منڇر ڍنڍ جي ڪري منصوبي تي خدشا آهن، عدالت نئن گاج ڊيم جي تعمير جو ٽائيم شيڊول طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*