ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري آئس ڊيلر کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري آئس ڊيلر کي گرفتار ڪري ورتو، ايس پي جاچ ڏکڻ طارق ڌاريجو چيو آهي ته آئس ڊيلر روحيل نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي منشيات وڪرو ڪندو هو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس پي جاچ ڏکڻ طارق ڌاريجي چيو ته آئس ڊيلر ڊانس پارٽين ۾ به منشيات وڪرو ڪندو هو.

هن  چيو ته جوابدار روحيل کي ڊفينس فيز سيون خيابان عباسي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس پي جاچ طارق ڌاريجي چيو ته پوليس ڪارروائي دوران جوابدار جو ساٿي محمد عباس فرار ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*