وڏي وزير سيد مراد علي  شاهه  چيو آهي ته عمران خان کي مڙهڻ وارا کيس حڪومت ڪرڻ به سيکارين ها

وڏي وزير سيد مراد علي  شاهه  چيو آهي ته عمران خان کي مڙهڻ وارا کيس حڪومت ڪرڻ به سيکارين ها، جنهن کي زال ٻڌائي ته هو وزيراعظم آهي، اهو ملڪ ڪيئن هلائيندو.

خانڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي  خبر ناهي حڪومت ڪيئن ڪبي آهي، عمران خان اچي ته اسان حڪومت ڪرڻ سيکاريون  ته حڪومت ڪيئن ڪبي آهي.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پيرڻي عمران خان کي اهو به ٻڌائي ته حڪومت ڪيئن ٿيندي آهي.

هن چيو ته اهڙيون حرڪتون ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، اها سنڌ جي ماڻهن سان دشمني ڪئي پئي وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته اسان جي قيادت کي اليڪشن به وڙهڻ نه ڏني وئي، سنڌ سان ناانصافي جاري رهڻ نه ڏني ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*