پ پ چيئرمين جي ترجمان  مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تحريڪ انصاف حڪومت جي شڪست جو اعتراف آهي

پ پ چيئرمين جي ترجمان  مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تحريڪ انصاف حڪومت جي شڪست جو اعتراف آهي،سينيٽر شيري رحمان چيو ته پيپلزپارٽي هر قسم جي سازش کي ڀرپور نموني سان منهن ڏيندي.

جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته جيڪڏهن وزيراعليٰ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ وزيراعظم جو ڇو نه ٿو شامل ٿي سگهي ؟: .

پ  پ چيئرمين جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان تي ڪرپشن الزامن جي جاچ نيب ڪري رهي آهي.

هن چيو ته جن وفاقي وزيرن خلاف ڪرپشن جا الزام آهن، انهن جا نالا  به اي سي ايل ۾ شامل ڇو نٿا ٿي سگهن، وفاقي ڪابينا جي فيصلي مان لڳي ٿو ته عمران خان کي گهر وڃڻ جي جلدي آهي.

مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته آمر ايوب خان ۽ ضياءَ به پ پ کي ختم ڪري نه سگهيا آهن، عمران خان کي حسرت دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته شهيد بينظر ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پ  پ قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ وارو عمل شرمناڪ آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري تي ان وقت جا ڪيس ٺاهيا ويا آهن، جڏهن هو هڪ سال جو هو.

شيري رحمان چيو ته جهموريت جي آڙ ۾ آمريت مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پارليامينٽ ميمبرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري روايت غير جهموري آهي.

هن چيو ته آصف زرداري ڪڏهن به عدالتن ۽ جيلن مان ڀڄڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، موجوده حڪومت جي ايجنڊا عوامي مسئلا حل بدران رڳو انتقام وٺڻ آهي.

شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف پوري سنڌ حڪومت کي مفلوج ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي انتقام کان ڊڄڻ وارا ناهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*