دادو ويجهو تاريخي ماڳ گاج بنگلو ۾ ناچ جون محفلون ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

دادو ويجهو تاريخي ماڳ گاج بنگلو ۾ ناچ جون محفلون ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، چوڪيدار نادر مستوئي چيو ته آبپاشي عملدارن کي شڪايت ڪرڻ تي پوليس کيس گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ بعد لاڪپ ڪري رات جو آزاد ڪيو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز آفيس ۾ دانهيندي چوڪيدار نادر مستوئي چيو ته گاج ڊيم ٿاڻي جا عملدار بنگي ۾ جاچ جي محفل ڪرڻ کان روڪڻ تي مڇرجي پيا آهن

هن چيو ته آبپاشي عملدارن کي شڪايت ڪرڻ تي کيس پوليس وارن تشدد ڪرڻ بعد گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته پوليس وارن کيس رات جي واقت آزاد ڪيو آهي، کيس صوبيدار گلاب ملاح کان خطرو آهي.

نادر مستوئي چيو ته صوبيدار گلاب ملاح ڪوڙو  ڪيس داخل ڪري کيس جيل اماڻڻ چاهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*