پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته جيڪڏهن ميچز ۾ ڪيچز ئي نه وٺنداسين ته ميچ ڪئين کٽي سهگنداسين

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته جيڪڏهن ميچز ۾ ڪيچز ئي نه وٺنداسين ته ميچ ڪئين کٽي سهگنداسين.

ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وقار يونس چيو ته مڪي آرٿر ٽيم جو هيڊڪوچ آهي ۽ اهو هڪ استاد جي حيصيت رکي ٿو.

وقاريونس چيو ته  سنچورين ۾ کيڏي ويل ٽِيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم فاسٽ بالرز جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي.

هن چيو ته مڪي آرٿر جي ڪاوڙ سان ڪنهن کي به پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي.

وقاريونس چيو ته ٽيم پنهنجي غلطين مان سبق سکي ۽اڳتي وڌي ته ٽيم کي ڪاميابي ملندي.

سندس وڌيڪ چوڻ ته ته کيس اميد آهي ته قومي ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف جاري ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي.

——————

ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر اوليور جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار بالنگ سبب ميزبان ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد پاڪستان کي ڇهه وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري ماڻي ورتي آهي.

ڏکڻ آفريڪي شهر سنچورين ۾ کيڏي ويل ٽن ٽِيست ميچز تي ٻڌل سيريزجي پهرين اننگ ۾ قومي ٽيم 181رنز تي ڍير ٿي وئي.

پاڪستان پاران پهرين اننگ ۾ بابر اعظم 71،اظهر علي 36۽حسن علي 21رنز اسڪور ڪري نمايا بيٽسمين رهيا.

ڏکڻ آفريڪا پاران اوليور 37رنز عيوض 6 وڪيٽون حاصل ڪيون،جڏهن ته رباڊا 3۽ڊيل اسٽين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 223رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ باوويا 53۽ ڊي ڪڪِ 45رنز اسڪور ڪيون.

پاڪستان پاران محمد عامر۽شاهين آفريدي 4-4 ۽ حسن علي ٻه وڪيٽون ورتيون.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاڪستان خلاف پهرين اننگ ۾ 42رنز جي برتري حاصل ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم ٻين اننگ ۾190رنز اسڪور ڪري آُئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ شان مسعود 65۽امام الحق 57رنز اسڪور ڪري نمايا بيٽسمين رهيا.

ڪپتان سرفراز احمد ٻي اننگ ۾ به بغير رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو.

ميزبان ِٽيم جي فاسٽ بالر اوليور 5، رباڊا 3۽ڊيل اسٽين ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 149رنز جو ٽارگيٽ چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي منهنجي نالي ڪئي.

هاشم عاملا 63رنزاسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو،جڏهن ته ايگرففٽي اسڪور ڪئي.

ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ايگر کي ميچ ۾ 11وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر کي ٿرڊ ايمپائر جي فيصلي کي ناپسنديده قرار ڏيڻ مهانگو پئجي ويو.

ڏکڻ آفريڪا ۽پاڪستان جي پهرين ٽِيسٽ ميچ دوران ڪوچ مڪي آرٿر کي ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي خلاف ورزي تي آءِ سي سي ڪائونسل واننگ ڏئي ڇڏي.

مڪي آرٿرسنچورين ٽِيسٽ دوران ڏکڻ آفريڪا جي ٻين اننگ جي نائين اوورس ۾ ٿرڊ ايمپائر جي فيصلي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو.

هيڊ ڪوچ ان حوالي سان ٽي وي ايمپائر جول ولسن جي ڪمري ۾ ويو ۽ ڊين ايلگر جي حق ۾ ڏنل فيصلي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو،جنهن تي ٽي وي ايمپائر ميچ ريفري ڊيوڊ بون کي شڪايت ڪئي،جنهن کيس وارننگ ڏئي ۽ هڪ ڊي ميرت پوائنٽ ڏنو.

ميچ جي پڄاڻي تي مڪي آرٿر پنهنجي غلطي تسليم ڪندي ميچ ريفري ڊيوڊ بون جي فيصلي کي مڃيو.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ڊريسنگ روم جون خبرون منظر عام تي اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعن مطابق احسان ماني جي ٽيم مينيجر طلعت علي سان سنچورين۾ ملاقات ٿي،جنهن ۾ طلعت  علي کيس ٽيم جي ڪارڪردگي بابت اگاهي ڏني.

ذريعن جو چوڻ آهي ته طلعت علي ڊريسنگ روم ميٽنگ جي خبرن بابت  پڻ چيئرمين کي بريفنگ ڏني.

ٽيم منيجر مطابق طلعت علي بريفنگ ۾ چيئرمين کي ٻڌايو ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر معمول مطابق ميٽنگ ڪرڻ جو عادي آهي ، پر گذريل ڏينهن ڪوچ ٽيم جي ڪارڪردگي تي پريشان هو،جنهن سبب هن رانديگرن مٿان تنقيد ڪئي.

واضح رهي ته پي سي بي رانديگرن سان هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي خراب روئي بابت الزامن جي ترديد ڪئي.

——————-

 انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽نالي واري بيٽسمين ايليسٽرڪڪِ کي کي سر جو لقب ملي ويو آهي.

انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان مطابق اڳوڻي ڪپتان کي سر جو لقب ملي ويو آهي.

ايلسٽرڪڪِ سر جو لقب ماڻيندڙ يارهون انگلش ڪرڪيٽ آهي.

اڳوڻي ڪپتان ايليسٽر ڪڪِ 161ٽيسٽ ميچز ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪندي 33سنچرين ۽57ففٽين جي مدد سان 12هزار 4سو 72رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ سندس وڌيڪ اسڪور 294آهي.

92 ون ڊي ميچز ۾ ايليسٽر ڪڪِ 5سنچرين ۽19ففٽين جي مدد سان 3هزار 204رنز اسڪور ڪيون، جڏهن ته هن 4ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ انگلش ٽيم جي نمائندگي ڪئي.

——————

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*