فلپائن جي مينڊانائو ٻيٽ ۾ 6 ڏهائي 9 جي شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

فلپائن جي مينڊانائو ٻيٽ ۾ 6 ڏهائي 9 جي شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، حڪومتي عملدارن سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

انڊونيشيا کانپوءِ فلپائين ۾ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

فلپائن جي مينڊانائو ٻيٽ ۾ 6 ڏهائي 9 جي شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.

حڪومتي عملدارن سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

زلزلي جو مرڪز فلپائن کان 101 ڪلو ميٽر پري ڏکڻ اولهه وارو علائقو هو، جڏهن ته زلزلي جي اونهائي 49 ڪلوميٽر هئي.

موسميات کاتي موجب، سونامي جون لهرون فلپائن جي ڊوائو سميت انڊونيشيا جي ٻيٽ جيم ۽ تبوڪن کي به متاثر ڪري سگهن ٿيون…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*