آمريڪي شهر نيويارڪ جي علائقي بروڪلين ۾ آءِ لينڊ اوينيو جي هڪ روڊ کي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي

آمريڪي شهر نيويارڪ جي علائقي بروڪلين ۾ آءِ لينڊ اوينيو جي هڪ روڊ کي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي.

26 ڊسمبر تي ڪوني آءِ لينڊ ايونيو جي هڪ روڊ کي پاڪستاني جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي نالي منسوب ڪرڻ جي حوالي سان ٺهراءُ نيويارڪ ڪائونسل ۾ منظور ٿيو هو.

اهو ٺهراءُ نيويارڪ ڪائونسل بروڪلين جي ميمبر جماني وليمز پيش ڪيو ، جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو هو.

ميمبر جماني وليمز جو چوڻ هو ته اسان ڪائونسل جي فيصلي کان خوش آهيون، اهو روڊ آمريڪين ڪميونيٽي سان گڏ پاڪستانين لاءِ هڪ تحفو آهي.

روڊ کي باني پاڪستان جي نالي سان منسوب ڪرڻ وارو اعلان پاڪستاني امريڪين يوٿ آرگنائزيشن جي صدر هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.

واضح رهي محمد علي جناح وي جو افتتاح ايندڙ مهيني ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*