گورنر سنڌ عمران اسماعيل  چيو آهي ته آصف زرداري ٻڌائي ته ڪهڙي ميدان ۾ وڙهڻ چاهي ٿو

گورنر سنڌ عمران اسماعيل  چيو آهي ته آصف زرداري ٻڌائي ته ڪهڙي ميدان ۾ وڙهڻ چاهي ٿو، جنهن به چوري ڪئي آهي، ان کي ڀوڳڻو پوندو، خواجه اظهار چيو آهي ته جنهن جو نالو جي آءِ ٽي ۾ آهي، اهو عدالتن کي منهن ڏئي، بيان بازي مان ڪجهه نه ورندو.

سکر ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته آصف علي زرداري ڪهڙي ميدان ۾ وڙهڻ چاهي ٿو، جنهن به چوري ڪئي آهي، ان کي ڀوڳڻو ڀوندو، سنڌ ۾ گورنر راڄ جي باري ۾مون کي ڪا به خبر ناهي.

گورنر سنڌ چيو ته اسان ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جيڪي جنگ ڪرڻ چاهين ٿا، ڀلي ڪن، رياست قانوني رستو اختيار ڪندي، احتساب جي عمل کان ڪير به بچي نٿو سگهي.

 عمران اسماعيل چيو ته سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت جو ڪم آهي، ڪراچي ۾ صورتحال گهڻي خراب آهي.

ان موقعي تي متحده اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سڪيورٽي لاءِ وڏي وزير سان ڳالهايو آهي، پر عمل ناهي ٿيو، گورنر سنڌ سان امن امان بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

خواجا اظهار الحسن چيو ته 30 سالن کان ڪرپشن جون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون، هاڻي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي.

متحده اڳواڻ چيو ته جنهن جو نالو جي آءِ ٽي ۾آيو آهي، اهو عدالتن کي منهن ڏئي، بيان بازي مان ڪجهه نه ورندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*