واٽر ڪميشن ٻن فيڪٽري مالڪن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

واٽر ڪميشن ٻن فيڪٽري مالڪن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران ڊي جي سيپا سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا.

واٽر ڪميشن پاران ٻن فيڪٽري مالڪن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

ڊي جي سيپا واٽر ڪميشن سربراهه کي آگاهه ڪيو ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي 250 مان 68  فيڪٽري مالڪن معائني جي اجازت نه ڏني آهي.

واٽر ڪميشن سربراهه رمارڪس ۾ چيو ته فيڪٽري مالڪن کي آخري موقعو ڏئي رهيا آهيون ته سيپا عملدارن کي فيڪٽرين جو معائئنو ڪرائڻ جي اجازت ڏين ٻي صورت ۾ سندن گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا.

واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران واٽر بورڊ ايم ڊي جي پيش نه ٿيڻ سبب واٽر سپلاءِ ميٽرز لڳائڻ بابت معاملي جي ٻڌڻي 31 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*