حيدرآباد ويجهو تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو

حيدرآباد ويجهو تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، سندس گهرواري سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڄامشورو روڊ تي تيز رفتاري سبب ڪار فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شاهد احمد فوت ٿي ويو.

حادثي ۾ فوتي جي گهرواري رخسانه، 18 سالن جي ڌيءَ نيها، پٽ سعادت ۽ حظيفا زخمي ٿي پيا، جن کي حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيل لطيف آباد جي نمبر 6 جا رهواسي آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*