اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته تڪراري احتساب ملڪ لاءِ زهرِ قاتل آهي

اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته تڪراري احتساب ملڪ لاءِ زهرِ قاتل آهي، حڪومت سمجهي ڇڏي ته اپوزيشن کانسواءِ ملڪ نٿو هلي سگهي، مودي پاڪستان سان ڳالهيون نٿو چاهي، اهڙي ماحول ۾ ڳالهين لاءِ منٿون ڪرڻ غيرت جي ابتڙ آهي.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته احتساب عمل جي شفافيت تي سوال اٿي ويا آهن، چيو پيو وڃي ته احتساب تي ڪنهن کي اعتراض نه آهي.

هن چيو ته اسان کي احتساب جي طريقيڪار تي اعتراض آهي ۽ اهو اعتراض ختم ڪرڻ حڪومت جوڪم آهي، اعتراض ختم ٿيڻ بعد ئي احتساب بامقصد ٿي سگهي ٿو.

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چيو ته احتساب ملڪ جي ضرورت آهي پر هڪ طرفو احتساب ملڪ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندو.

چوڌري نثار چيو ته منهنجو تعلق مسلم ليگ نون سان نه آهي پر ان باوجود آئون اڄ به انهيءَ تڪ تي ووٽرن وچ ۾ موجود آهيان  ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪري رهيو آهيان.

ڀارت بابت ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته اسان کي نريندر مودي حڪومت سان هڪ طرفا ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي.

هن چيو ته مودي حڪومت پاڪستان سان دوستي نه ٿي چاهي ۽ مودي حڪومت سان ڳالهين لاءِ منٿيون ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي.

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چيو ته چيو ته عام چونڊن دوران مان صوبائي سيٽ تي ڪامياب ٿي ويس پر قومي اسيمبلي جي سيٽ تي مون کي هارايو ويو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽنت ي هڪ جيترا ووٽ ئي ڪاسٽ ٿيندا آهن.

چوڌري نثار چيو ته قرض وٺڻ سان اسان ڪجهه وقت ته ڪڍي وينداسين پر ان سان معشيت مضبوط نه ٿيندي.

پريس ڪانفرنس جي آخر حلف کڻڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار جواب نه ڏنو ۽ کلندي روانو ٿي ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*