حڪومت ۽ عوام ۾ سڌي ريت رابطي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بابت عوامي شڪايتن

حڪومت ۽ عوام ۾ سڌي ريت رابطي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بابت عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ وزيراعظم آفيس ۾ قائم پاڪستان سٽيزن پورٽل جا هن وقت تائين انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب، 22 لک 9 هزار 667 شڪايتون مليون آهن، جن مان 90 سيڪڙو شڪايتون ملڪ ۾ رهندڙ شهرين ۽ 9 ڏهائي 66 سيڪڙو اوور سيز پاڪستانين جون آهن.

وزراعظم عمران خان جي هدايت تي عوام جي شڪايتن جي ازالي لاءِ قائم پاڪستان سٽيزن پورٽل پنهنجا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پاڪستان سٽيزن پورٽ تي ريجسٽريشن ۽ پنهنجون شڪايتون حڪومت تائين پهچائڻ لاءِ عوام سٺو رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

جاري ڪيل انگ اکرن موجب، ٻن مهينن دوران هن وقت تائين پورٽل تي رجسٽرڊ ٿي ماڻهن جو تعداد ڇهه لک کان وڌي ويو آهي.

پورٽل کي هن وقت تائين 22 لک 9 هزار 667 شڪايتون مليون آهن، جن مان ملڪ اندر رهندڙ شهرين جو 90 سيڪڙو آهي، جڏهن ته اوور سيز پاڪستاني 9 ڏهائي 66 سيڪڙو آهن.

پنجاب مان هڪ لک 5 هزار 794 ، خيبرپختونخواهه مان 26 هزار 790، سنڌ مان 31 هزار 698، بلوچستان مان 2524، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان 61 هزار 644 شڪايتون مليون آهن، جڏهن ته گلگت بلتستان مان 184 ۽ آزاد ڪشمير مان 1172 شڪايتون مليون آهن.

پنجاب مان مليل شڪايتن مان 40 هزار 411 جو ازالو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جون 12 هزار 771، سنڌ مان 2063، بلوچستان مان 316 ۽ اسلام آباد مان 35 هزار 950 شڪايتن جو ازالو ڪيو  ويو آهي، ٻين شڪايتن تي ازالي جو ڪم جاري آهي.

پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هن وقت 47 هزار 579 حددخلين جو شڪايتون مليون آهن.

هن وقت تائين مليل عوامي راءِ موجب، 24 هزار 76 ماڻهن پاڪستان سٽيزن پورٽل تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

گورننس ۾ بهتري سان گڏ عوام ۽ حڪومت وچ ۾ مستقل رابطي جي قيام جي سلسلي ۾ پاڪستان سٽيزن پورٽل اهم ذريعو آهي.

وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان سٽيزن پورٽل پاران هر هفتي شڪايتن جا انگ اکر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*