اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جوابدارن  جي آءِ ٽي رپورٽ رد ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته  جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ اهڙو ڪو به مواد شامل نه آهي، جنهن سان الزام ثابت ٿئي ۽ جي آءِ ٽي کي اهو معاملو نيب وٽ اماڻڻ جو ڪو به اختيار نه آهي.

اومني گروپ جي سربراهه ۽ عبدالغني مجيد جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ اهڙو ڪو به مواد شامل نه آهي، جنهن سان الزام ثابت ٿئي، جڏهن ته جي آءِ ٽي کي اهو معاملو نيب وٽ اماڻڻ جو ڪو به اختيار نه آهي.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي هوندي، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن 924 ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته اسان کي انهن جا نالا نه ڏنا ويا آهن.

جواب موجب، جي آءِ ٽي جنهن رڪارڊ جو جائزو ورتو اهو اسان کي فراهم نه ڪيو ويو آهي.

جواب ۾ چيو ويو ته اهڙين حالتن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي تفصيلي جواب ڏيڻ کان لاچار آهيون، شفاف ٽرائل جي ضمانت آئين ڏئي ٿو.

جوابدارن چيو ته رپورٽ سان ڪو مواد يا دستاويز ناهي جيڪو الزامن جي تائيد ڪري.

جوابدار عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد پنهنجو پاڻ کي بيگناهه قرار ڏيندي جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*