نئين ديري ويجهو جوڻيجا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 12 ورهين جو نينگر مارجي ويو

نئين ديري ويجهو جوڻيجا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 12 ورهين جو نينگر مارجي ويو، فائرنگ ۾ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ بچو واهڻ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رڪشا ۾ سوار 12 ورهين جو نينگر ذيشان پٽ عاشق جوڻيجو ٿڏي تي مارجي ويو.

گوليون لڳڻ سبب مقتول نينگر جي  امڙ مائي اختيار خاتون ۽ نوجوان عرفان جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي نئون ديرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نينگر جو لاش ۽ زخمين کي نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو.

فوتيءَ جي وارثن ٻڌايو ته هو ڳوٺ بچو واهڻ کان چنگچيءَ تي نئون ديرو اچي رهيا هئا ته جوابدارن چنگچيءَ رڪشا تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر مارجي ويو جڏھن ته سندس امڙ ۽ نوجوان زخمي ٿي پيا آهن.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*