آءِ جي سنڌ موجوده صورتحال بعد نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

آءِ جي سنڌ موجوده صورتحال بعد نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، آءِ جي سنڌ نئين حڪم نامي ۾ چيو ته  موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري، هيلمٽ، ڪلينڪ ماسڪ ۽ ٽوپي پائيندڙن کي ضرور چيڪ ڪيو وڃي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو هي مهم کي ڪراچي سميت صوبي جي ٻين ضلعن ۾ 15 جنوري تائين جاري رکيو وڃي.

آءِ جي سنڌ حڪم نامي ۾ چيو ته حساس علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪنگ وارو عمل شروع ڪيو وڃي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو ته موجوده دهشتگردي واقعي ۾ موٽرسائيڪل تي ڊبل سواري ڪندڙ جوابدار ملوث هئا.

آءِ جي سنڌ ڪليم امام سڀني ڊي آءِ جيز کي هدايت ڪندي چيو ته حڪم نامي تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*