ايف آءِ اي اصغر خان ڪيس جي فائل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

supreme

ايف آءِ اي اصغر خان ڪيس جي فائل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايترون شاهديون نه  آهن جو ڪارروائي ڪري سگهجي، شاهدن جي بيان ۾ به تضاد آهي، ان لاءِ ڪيس بند ڪيو وڃي.

ايف آءِ اي سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان ڪيس بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ فائل بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اداري وٽ ايتريون شاهديون نه آهن جو ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ڪئي وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جن سياستدانن تي الزام هئا، انهن رقم وصول ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي جي رپورٽ موجب، اهم شاهدن جي بيانن ۾ جهول آهي ۽ بيان به هڪ ٻئي سان نه ٿا ملن، جڏهن ته هي معاملو 25 سال کان وڌيڪ پراڻو آهي.

ايف آءِ اي جي رپورٽ موجب، لاڳاپيل بئنڪن مان پئسو اڪائونٽن ۾ جمع ڪرائڻ جو مڪمل رڪارڊ نه مليو آهي.

ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائل بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

واضح رهي ته اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي سومر ڏهاڙي ٿيندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*