سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت عبوري حڪم جاري ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت عبوري حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عبوري حڪم ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت عبوري حڪم جاري ڪندي سمورن جعلي بينڪ اڪائونٽس جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت اهڙن  سمورن بينڪ اڪائونٽس کي منجمند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، جن جي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي.

عبوري حڪم موجب، عدالت اڪائونٽس جي سموري بينڪ ٽرانزيڪشن جي مانيٽرنگ جو حڪم به جاري ڪيو آهي.

عدالت جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ آڪر ڪيل سمورن عمارتن ۽ ملڪيتن جي خريد ۽ وڪرو تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

عدالت سڌي ريت فائدو پهچائندڙ پراپرٽيز  جي خريد ۽ وڪرو تي پابندي لڳائي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*