بنگلاديش جي عام چونڊن جي نتيجن موجب وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي عوامي ليگ پارٽي ۽ اتحادين 288 سيٽس سان واضح طور اڪثريت حاصل ڪري ورتي

بنگلاديش جي عام چونڊن جي نتيجن موجب وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي عوامي ليگ پارٽي ۽ اتحادين 288 سيٽس سان واضح طور اڪثريت حاصل ڪري ورتي، مخالف ڌر جي پارٽين ڌانڌلين جا الزام لڳائي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب بنگلاديش ۾ پارليامينٽ جي 300 سيٽس لاءِ ووٽنگ عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آيل نتيجن ۾ عوامي ليگ پارٽي ۽ اتحادين کي پارليامينٽ ۾ واضح اڪثريت ملي وئي آهي.

 آيل چونڊ نتيجن موجب شيخ حسينه واجد جي پارٽي عوامي ليگ ۽ سندس اتحادي پارٽين کي 300 جي ايوان ۾ 288 سيٽس سان واضح طور تي سرسي حاصل ٿي وئي آهي.

  عام چونڊن جي نتيجن کانپوءِ بنگلاديش ۾ وزيراعظم شيخ حسينه واجد لاءِ چوٿون ڀيرو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ جو رستو هموار ٿي ويو .

  بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي سميت مخالف ڌر جي پارٽين چونڊ نتيجن کي رد ڪندي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

 مخالف ڌر اڳواڻ ڪمال حسين چيو آهي ته عام چونڊن دوران وڏي پئماني تي سرعام ڌانڌلي ڪئي وئي، هُو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪن ٿا ته نتيجا ڪالعدم قرار ڏنا وڃن.

 هن ڌيڪ چيو ته اسان غيرجانبدار حڪومت جي انتظام هيٺ نيون عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.

 ٻئي طرف ميڊيا رپورٽس موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پُرتشدد واقعن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*