سوناڪشي سنها به ماڌوري ڊڪشت جي مداح نڪري پئي

 بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪاره سوناڪشي سنها به ماڌوري جي ديواني نڪتي، سندس چوڻ آهي ته هوءَ ماڌوري جي مداح آهي ۽ هن جيان ڊانس ڪرڻ چاهي ٿي.

سوناڪشي سنها اڄ ڪلهه پنهنجي نئين فلم تيور جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، هن تقريب دوران سوناڪشي سنها چيو ته فلم تيور لاءِ گيت ڳايو آهي، ڏسجي ته ماڻهن کي ڪيترو ٿو پسند اچي.

سوناڪشي جو چوڻ هو ته ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ هوءَ سڀ کان وڌيڪ ماڌوري ڊڪشٽ مان متاثر آهي، سندس ننڍپڻ کان اها خواهش رهي آهي ته جيڪر ماڌوريءَ جيان ڊانس ڪري سگهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*