سپريم ڪورٽ ميمو گيٽ ڪيس جي ٻڌڻي چيمبر ۾ ڪرڻ واري استدعا منظور ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ ميمو گيٽ ڪيس جي ٻڌڻي چيمبر ۾ ڪرڻ واري استدعا منظور ڪري ورتي،  وڪيل احمر بلال صوفي چيو آهي ته اڳڀرائي ٿي آهي پر  هو ملڪي مفاد جو معاملو آهي، هي معاملو انتهائي حساس آهي..

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ميمو گيٽ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالتي مددگار  احمر بلال صوفي عدالت ۾ پيش ٿيو.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته حسين حقاني جي واپسي بابت ڪا اڳڀرائي ٿي آهي؟

عدالتي مددگار چيو ته  اهو معاملو حساس آهي، جنهن سبب عدالت کي بند ڪمري ۾ بريفنگ کان آگاهي ڏني ويندي.

عدالت وڪيل احمر بلال جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ ڪيس بند ڪمري ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ميمو گيٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*