ميهڙ ويجهو مبينا اغوا ٿيل وپاري جي وارثن پاران سندس بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهروڪيو ويو

ميهڙ ويجهو مبينا اغوا ٿيل وپاري جي وارثن پاران سندس بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهروڪيو ويو.

 ڳوٺاڻن لال بخش ڏيرو، مولا بخش ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڪولاچي وٽ ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن سبب روڊ تي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

 احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اغوا ٿيل واپاري ضمير احمد ڏيرو کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

 ٻئي طرف ڪارخانيدار روشن شيخ الزام هنيو آهي ته وپاري روشن شيخ ساڻس هڪ ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪيو، هاڻي پاڻ کي گم ڪري ڪوڙو اغوا جو ڊرامو رچائي حراسان ڪيو پيو وڃي.

 هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وپاري ضمير ڏيرو ۽ پرويز جانوري خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويوآهي پر پوليس کين گرفتار نه پئي ڪري….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*